SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


ڌُر-عنصر يا ڪردار


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


ڌُر-عنصر يا ڪردار

Actor

ايڪٽر

بين الاقوامي تعلقات جي دائري ۾ Actor مان مراد ڪا ڌُر، ادارو يا اداري طرفان مقرر ڪيل نمائندو آهي، جيڪو ڪنهن به معاملي ۾ مخصوص ڪرداريا ڪا ذميواري ادا ڪري. مثال طور: گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل، يا IMF ۽ برٽش پيٽروليم وغيره جا سربراهه، ڪنهن به هڪ ڌُر يا ان جي نمائندگي ڪندڙ ڪردار آهن. ڪجهه محققن جو خيال آهي ته ”ايڪٽر“ جي حيثيت کي پوري طرح بيان ڪرڻ تمام گهڻو مشڪل آهي، پر ٻين جو خيال آهي ته Actor جو اختيارن جي حوالي سان تجزياتي (Analytical) مطالعو ڪبو ته ڪنهن حد تائين ان تصور کي سمجهڻ ۾ آساني ٿيندي. مثال طور: گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل کي مليل اختيارن ۽ انهن جي اثرن کي ڄاڻڻ کان پوءِ خبر پوندي ته اداري جو سيڪريٽري جنرل ڪهڙو ۽ ڪئي ڪٿي پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. ”ايڪٽر“ ڪنهن رٿا يا ايجنڊا مطابق ڪا اهڙي سرگرمي ڏيکاري ٿو، جنهن جو هاڪاري يا ناڪاري نتيجو به نڪري ٿو. عام طرح ڪنهن به رياست جي بُنيادي شعبي لاءِ ذميواري سرانجام ڏيندڙ فرد يا گروهه کي رياستي عنصر (State Actor) سڏيو وڃي ٿو


Remember Me Also:

لر لر ڪرڻ

لَر لَر ڪَرڻُ

اجايو ڳالهائڻ، بڪ بڪَ ڪرڻ، ٿَپڪِه ٿَپَڪِه ڪري هلڻ.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal